welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آمريڪا دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ ۾ پاڪستان جي ڪاميابين کي تسليم ڪيو، گڏجي ڪم ڪرڻ جو پڻ عزم ورجايو

اسلام آباد:(اربع 13 آگسٽ 2025ع)پاڪستان ۽ آمريڪا دهشتگردي جي خاتمي واري ڊائلاگ جي هڪ گڏيل بيان ۾ هر قسم جي دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو آهي. آمريڪي سفارتخاني پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري ڊائلاگ جي گڏيل صدارت نبيل منير ۽ گريگوري ڊي لوگرفو ڪئي. بيان موجب، ڊائلاگ هر قسم جي دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو، ۽ ٻنهي ڌرين بي ايل اي، داعش خراسان ۽ ٽي ٽي پي جي خطرن سان منهن ڏيڻ تي زور ڏنو. آمريڪي سفارتخاني پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڳالهه ٻولهه ۾ سيڪيورٽي چئلينجن ۽ دهشتگردي ۾ نئين ٽيڪنالاجي جي استعمال کي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ۽ ادارتي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ ۽ صلاحيتون وڌائڻ تي زور ڏنو ويو. بيان موجب، گڏيل قومن سميت گهڻ طرفي فورمن ۾ ويجهي تعاون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو ويو، جڏهن ته دهشتگردي جي خاتمي ۽ امن ۽ استحڪام لاءِ مسلسل ۽ منظم رابطن کي ضروري قرار ڏنو ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے