welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

يوڪرين خلاف وڙهندڙ اتر ڪوريائي سپاهين لاءِ اعزاز

پيانگ يانگ:(آچر 24 آگسٽ 2025ع)اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪِم جونگ اُن يوڪرين ۾ روس سان گڏ وڙهيل سپاهين کي تمغا ڏنا آهن. تقريب ۾، ڪِم جونگ اُن شهيد سپاهين جي تصويرن تي گل رکيا ۽ واپس ايندڙ سپاهين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ گلا ڪيو. ڪورين سينٽرل نيوز ايجنسي جي مطابق، تقريب حڪمران ورڪرز پارٽي جي هيڊ ڪوارٽر ۾ منعقد ڪئي وئي، جتي سپاهين کي قومي هيرو قرار ڏنو ويو جن پنهنجي جوانيءَ ۽ جانين جي قرباني ڏني. ڏکڻ ڪوريا ۽ مغربي انٽيليجنس ايجنسين جي مطابق، اتر ڪوريا 2024 ۾ 10,000 کان وڌيڪ سپاهي روس موڪليا، جن مان لڳ ڀڳ 600 مارجي ويا ۽ هزارين زخمي ٿيا. ڪِم جونگ اُن چيو ته سپاهي گولين ۽ بمن جي برسات هيٺ وڏي عزت سان گهر موٽيا، ۽ هن شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڪمانڊنگ آفيسرن کي ڊي پي آر ڪي جو هيرو جو لقب پڻ ڏنو. اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪِم جونگ اُن شهيدن جي خاندانن سان ملاقات ڪئي ۽ يادگار ڀت تي گل رکيا. ياد رهي ته اتر ڪوريا اپريل 2025 ۾ باضابطه طور تي روس ۾ فوج موڪلڻ جي تصديق ڪئي هئي، جڏهن ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن تازو ئي هڪ خط ۾ انهن سپاهين کي هيرو قرار ڏنو هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے