
دهلي:(آچر 10 آگسٽ 2025ع)هندستاني انتها پسند پارٽي راشٽريه سويم سيوڪ سنگهه جي اڳوڻي ترجمان چيو آهي ته ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) جا اڳواڻ دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث آهن.
انتها پسند پارٽي جي اڳوڻي ترجمان يشونت شندي چيو ته آر ايس ايس ۽ بي جي پي هندستان ۾ دهشتگردي ڪرڻ جو الزام مسلمانن تي لڳائين ٿا.
يشونت شندي 2006 ۾ مهاراشٽر بم ڌماڪي ڏانهن اشارو ڪيو جنهن ۾ وشو هندو پريشد جي ميمبر سميت ٻه ماڻهو مارجي ويا هئا. هن ڪيس ۾ مسلمانن کي ملوث ڪيو ويو پر عدالت ثبوتن جي کوٽ سبب سڀني جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو.
يشونت شندي چيو ته آر ايس ايس مهاراشٽر جي اورنگ آباد شهر ۾ هڪ مسجد ڳولي لڌي ۽ ان ۾ بم ٺاهڻ شروع ڪيا. آر ايس ايس جا ميمبر 'راڪيش ڌيوي' ۽ 'روي ديو' بم ٺاهڻ ۾ ملوث هئا.
هن دعويٰ ڪئي ته آر ايس ايس جي هڪ اڳواڻ اندريش ڪمار به کيس دهشتگردي ۾ ملوث ٿيڻ لاءِ چيو.
ان حوالي سان اڳوڻي ترجمان سپريم ڪورٽ ۾ درخواست به داخل ڪئي، پر عدالت طرفان ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي. اڳوڻي ترجمان شندي عدالت تي اندروني دٻاءُ جو الزام لڳايو ۽ چيو ته هندستان جون عدالتون خاموش تماشائي بڻيل آهن.
يشونت شندي چيو ته مودي حڪومت ۽ آر ايس ايس هندوتوا نظريي تحت رياستي دهشتگردي جا سرپرست بڻجي ويا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language