ملتان:(ڇنڇر 09 آگسٽ 2025ع)ملتان ۾ هڪ ظالم پيءُ پنهنجي ڌيءَ ۽ سندس ٽن ننڍڙن ٻارن کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب، هي واقعو ملتان جي ملوڪ بستي علائقي ۾ پيش آيو، جتي هڪ بابي پنهنجي ڌيءَ کي سندس ٽن ٻارن سميت قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته پيءُ پنهنجي ڌيءَ ۽ سندس ٽن ٻارن کي زمين ۽ رشتي جي تڪرار تي قتل ڪيو.
پوليس موجب، فوت ٿيل ٻارن جي عمر 2 مهينن کان 3 سالن جي وچ ۾ آهي. واقعي کان پوءِ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language