welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آمريڪا بي ايل اي ۽ مجيد برگيڊ کي دهشتگرد گروپ قرار ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن:(اڱارو 12 آگسٽ 2025ع) آمريڪا پابندي مڙهيل بي ايل اي ۽ پابندي مڙهيل مجيد برگيڊ کي دهشتگرد گروپ قرار ڏنو آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب، پابندي مڙهيل بي ايل اي ۽ پابندي مڙهيل مجيد برگيڊ کي بين الاقوامي دهشتگرد تنظيمون قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته پابندي مڙهيل مجيد برگيڊ کي به عالمي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو ويو آهي. پابندي مڙهيل بي ايل اي کي اڳ ۾ ئي عالمي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو ويو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽرمپ انتظاميه دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ پرعزم آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته بي ايل اي ڪراچي ايئرپورٽ ۽ گوادر پورٽ ڪمپليڪس تي حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بي ايل اي جعفر ايڪسپريس ٽرين تي حملي جي ذميواري به قبول ڪئي آهي جنهن ۾ 31 ماڻهو شهيد ٿيا ۽ 300 ماڻهن کي يرغمال بڻايو ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے