واشنگٽن:(آچر 10 آگسٽ 2025ع)صدر ڊونلڊ ٽرمپ انڪشاف ڪيو آهي ته هو ٻئي دور لاءِ صدر چونڊجڻ کان پوءِ پنهنجي پهرين پگهار ڪيئن استعمال ڪندو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، جيڪو هن سال جنوري ۾ ٻيو ڀيرو آمريڪا جي صدر طور عهدو سنڀاليو، صدر طور پنهنجي پهرين پگهار عطيو ڪئي آهي.
ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي هڪ بيان ۾ ان جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته هن پنهنجي پگهار وائيٽ هائوس هسٽاريڪل ايسوسيئيشن کي عطيو ڪئي آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ لکيو ته هو جارج واشنگٽن کان پوءِ واحد آمريڪي صدر هجڻ تي فخر ڪري ٿو جنهن پنهنجي پگهار عطيو ڪئي.
آمريڪي صدر کي ٻين الائونسز سان گڏ هر سال 400,000 ڊالر جي بنيادي پگهار ڏني ويندي آهي.
آمريڪي صدر کي ملندڙ الائونسز ۾ خرچن لاءِ 50,000 ڊالر، سفر جي خرچن لاءِ 100,000 ڊالر ۽ تفريحي سرگرمين لاءِ 19,000 ڊالر شامل آهن.
اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي پهرين دور ۾ صدر طور پنهنجي پگهار مختلف سرڪاري ادارن کي عطيو ڪئي هئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language