welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ترڪي سميت مختلف ملڪن ۾ اسرائيلي ظلمن خلاف احتجاج، غزه ۾ جنگ بندي جو مطالبو

استنبول:(سومر11 آگسٽ 2025ع)ترڪي جي شهر استنبول سميت دنيا جي هزارين ماڻهن اسرائيل خلاف احتجاج ڪيو آهي ۽ غزه ۾ جنگ کي فوري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. غزه ۾ اسرائيل جي ظلمن خلاف دنيا جي مختلف ملڪن ۾ احتجاج ڪيا پيا وڃن. ترڪي جي شهر استنبول ۾ هزارين ماڻهن اسرائيل خلاف احتجاجي ريلي پڻ ڪڍي ۽ غزه ۾ جنگ کي فوري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے