غزہ:(خميس 14 آگسٽ 2025ع)اسرائيلي فوج اتر غزه ۾ پنهنجا حملا تيز ڪري ڇڏيا آهن، ٻين علائقن تي به بمباري ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 90 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿيا آهن.
غزه جي صحت واري وزارت موجب، اسرائيلي فوج اربع تي اتر غزه ۾ حملا ڪيا، جڏهن ته ٻين علائقن تي بمباري ۾ 90 کان وڌيڪ فلسطيني مارجي ويا آهن.
امداد جي طلب ڪندڙ ڪل 25 فلسطيني به شهيدن ۾ شامل آهن.
غزه ۾ قحط جي صورتحال پڻ برقرار آهي، جتي 8 وڌيڪ فلسطيني بک سبب فوت ٿي ويا آهن، جنهن سان اسرائيل پاران لاڳو ڪيل قحط جي ڪري فوتين جو انگ 235 ٿي ويو آهي.
ٻئي طرف، يورپي ملڪن غزه ۾ وڌندڙ قحط تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ اسرائيل کان امداد جي محفوظ فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي.
نيوزي لينڊ غزه کي امداد جي رستي ۾ رڪاوٽ ۽ فلسطينين جي جبري بي دخلي کي شرمناڪ قرار ڏنو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language