ڪراچي:(آچر 31 آگسٽ 2025ع)ڪراچي ۾ ٻارن جي وچ ۾ ٿيندڙ جهيڙي ۾ وڏا به شامل ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ فائرنگ ۾ 5 ماڻهو زخمي ٿيا جڏهن ته 4 ڪچي آبادي کي به باهه ڏني وئي.
پوليس موجب، گذريل ڏينهن غريب آباد ريلوي گيٽ جي ويجهو ٻارن جي وچ ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ وڏا به شامل ٿيا.
پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي گروهن جي وچ ۾ فائرنگ به ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 عورتن سميت 5 ماڻهو زخمي ٿيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب، جهيڙي دوران نامعلوم ماڻهن ڪچي آبادي کي به باهه ڏني، جنهن جي ڪري 4 ڪچي آبادي سڙي وئي. اطلاع ملڻ تي فائر برگيڊ جي گاڏي موقعي تي پهچي باهه تي ضابطو آندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language