welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بنون ۾ ايف سي چيڪ پوسٽ تي ڊرون حملو، هڪ سپاهي شهيد، 3 زخمي

بنون بنون:(جمعو 08 آگسٽ 2025ع)بنون ۾ فرنٽيئر ڪور (ايف سي) جي چيڪ پوسٽ تي ڊرون حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ ٽي زخمي ٿيا. ڊي پي او بنون سليم عباس ڪلاچي موجب، بڪا خيل جي تختي خيل علائقي ۾ ايف سي چيڪ پوسٽ تي ڪواڊ ڪاپٽر ڊرون حملو ڪيو ويو. حملي ۾ هڪ ايف سي اهلڪار شهيد ۽ ٽي زخمي ٿيا. ڊي پي او سليم عباس ڪلاچي چيو ته حملي ۾ زخمي ٿيل اهلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڊي پي او چيو ته واقعي کان پوءِ فرنٽيئر ڪور ۽ پوليس علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے