welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مصر ۾ مسافر ٽرين پٽڙي تان لهي وئي، 3 ڄڻا فوت، 94 زخمي

قاھرھ:(آچر 31 آگسٽ 2025ع)مصر ۾ هڪ مسافر ٽرين حادثي ۾ ٽي ماڻهو مارجي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب، اهو واقعو مغربي مصر ۾ پيش آيو، جتي مسافرن سان ڀريل هڪ ٽرين ماتروه صوبي کان قاهره وڃي رهي هئي ته حادثي جو شڪار ٿي وئي. ريلوي اختيارين چيو ته ٽرين جا ست بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، جن مان ٻه اونڌيون ٿي ويون. انتظاميا موجب، واقعي جي اطلاع ملندي ئي ايمبولينس ۽ ريسڪيو ٽيمون موقعي تي پهچي ويون ۽ امدادي ڪارروايون ڪندي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. انتظاميا وڌيڪ چيو ته حادثي ۾ 3 ماڻهو فوت ۽ 94 ماڻهو زخمي ٿيا آهن ۽ انهن کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ٽرين الٽڻ جو سبب ڳولڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے