ڪراچي:(خميس 14 آگسٽ 2025ع)پاڪستان جي 78هين جشن آزادي جي موقعي تي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 70 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
سموري ملڪ ۾ اڄ پاڪستان جي آزادي جو ڏهاڙو جوش جذبي سان ملهايو پيو وڃي. ڪراچي ۾ 12 وڄندي ئي پوليس جي سخت وارننگ جي باوجود شهر ۾ هوائي فائرنگ شروع ٿي وئي. گوليون لڳڻ سبب 3 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 70 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو ذريعن موجب عزيز آباد بلاڪ 8 ۾ هوائي فائرنگ سبب 8 ورهين جي نينگري جڏهن ته ڪورنگي ساڍا 3 ۾ هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ اسٽيفن نالي شخص مارجي ويو. ريسڪيو ذريعن موجب فائرنگ سبب زخمي ٿيل ماڻهن کي سول، جناح، عباسي شهيد ۽ جوهر ۾ نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب فائرنگ جي الزام ۾ 20 کان وڌيڪ جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن جن کان هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته جشن آزادي جي موقعي تي ڪراچي ۾ وڏن شاهراهن جي چوڌاري قائم عمارتن جي سجاوٽ شهر جو رنگ ڍنگ تبديل ڪري ڇڏيو جڏهن ته اسلام آباد ۾ به چراغان جهڙو ماحول ڇانيل آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language