
ڀٽ شاھ:(آچر 10 آگسٽ 2025ع)حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي 282 هين عرس مبارڪ جو ٻيو ڏينهن عقيدت ۽ احترام سان جاري آهي، ملڪ ڀر مان زائرين جو وڏو انگ ڀٽ شاه ۾ موجود آهي۔ وزيراعلي بلوچستان مير سرفراز بگٽي درگاهه تي حاضري بعد مختلف هنڌن جو دورو ڪيو۔ صوبائي وزير ثقافت ۽ سياحت سنڌ سيد ذوالفقار علي شاه سان گڏ ثقافتي گوٺ جو به دورو ڪيو ۽ لطيف ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي۔
سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري به حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس ۾ شرڪت لاءِ ڀٽ شاهه پهچي ويو. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ پاران گورنر سنڌ جو شاندار استقبال ڪيو ويو. گورنر سنڌ، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سان گڏجي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي ۽ دعا گهري. ان کان پوءِ گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي والد جي مزار تي پڻ حاضري ڏني.
گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جي ٻئي ڏينهن مزار تي حاضري ڏيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سڀ گڏجي امن جي گهواري کي سڄي ملڪ ۾ ڦهلائينداسين. هن چيو ته ڀارت کي جيڪا ڌوڙ چٽائي آهي، پاڪستان جو دفاعي محاذ تمام مضبوط آهي. گورنر سنڌ جو چوڻ هو ته اسان جي پاڻ ۾ جهيڙن سبب غريب ترقي نٿو ڪري سگهي. “مان ووٽ وٺڻ نه آيو آهيان، مان ڳالهائڻ آيو آهيان ته گڏجي هڪ ٿي رهو.” گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته سياسي جماعتون سياست ڪرڻ لاءِ ئي بڻيل آهن. “مان اجرڪ جي مخالفت نٿو ڪريان، مان اجرڪ وڪڻڻ جي مخالفت ڪريان ٿو.” هن پنهنجي خواهش ظاهر ڪئي ته سنڌ جي ڇهن ضلعن ۾ آئي ٽي يونيورسٽيون کوليون وڃن. آخر ۾ گورنر سنڌ ٻيهر چيو ته اسان سڀ گڏجي امن جي گهواري کي ملڪ ۾ ڦهلائينداسين.
هوڏانهن ڀٽ شاهه پهچڻ تي ادبي ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي مهمان خاص وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي چيو ته هو سنڌ جي ڌرتيءَ تان امن ۽ محبت جو پيغام وٺي پيا وڃن۔ هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جو لاڳاپو مضبوط ۽ پراڻو آهي، جتي بلوچ ۽ سنڌي ڏهاڪن کان گڏ رهيا آهن۔ سرفراز بگٽي جو وڌيڪ چوڻ هو ته جشن آزادي ۽ معرڪو حق جو جشن ملهائي رهيا آهيون، ۽ سنڌ اسيمبلي پاڪستان جي قيام لاءِ قرارداد پيش ڪئي هئي۔ هن امن ۽ ڀائيچاري جي واڌاري تي زور ڏنو۔
صوبائي وزير ثقافت ۽ سياحت سيد ذوالفقار علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جا شاعر ۽ اديب، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيروي ڪندي امن ۽ محبت جو پيغام ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائي رهيا آهن۔ هن وڌيڪ چيو ته لطيف سرڪار هر موضوع تي شاعري ڪئي آهي، ۽ ثقافت کاتو هر سال ادبي ڪانفرنس جو انعقاد ڪري ٿو، جتي سڄي سنڌ مان دانشور ۽ اديب شرڪت ڪن ٿا۔
عرس جي ٻئي ڏينهن ثقافت کاتي پاران محفل موسيقي جو انتظام ڪيو ويو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن ۽ مختلف سياسي، سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي۔ ملڪ جا نامور فنڪار پنهنجي سُرن سان حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي کي ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن۔ عرس جون تقريبون سڀاڻي به جاري رهنديون
0 تبصرے
Do not use vulgar language