welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي 282 هين عرس مبارڪ، تي انتظاميا جو جائزو

مٽياري:(جمعو 08 آگسٽ 2025ع)حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي 282 هين عرس مبارڪ تي انتظاميا جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي ۽ ڊي آئي جي طارق رزاق ڌاريجو ڀٽ شاھ پھچي درگاهه ۽ شهر جو دورو ڪيو، سيڪيورٽي سميت سمورا انتظام جلد فائنل ڪرڻ جون سخت هدايتون ڏنيون. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ ، ايس ايس پي مٽياري اعجاز احمد ميمڻ، ايس ايس پي ٽنڊو الهيار سليم شاهه، ڊي ايس پي ھالا محمد يعقوب ٻرڙو، فوڪل پرسن اسسٽنٽ ڪمشنر هالا ڊاڪٽر مظاهر علي ٻرڙو، ٽائون چيئرمين سيد خاور حسين شاھ ۽ ٻيا موجود هئا. ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊي آئي جي حيدرآباد پاران درگاھ ڀٽائي سميت هيلي پيڊ، دنبورا چوڪ، روينيو هائوس ۽ ٻين هنڌن جو معائنو ڪيو ويو، ڀٽ شاھ جي ثقافتي مرڪز ۾ مختلف کاتن سان لاڳاپيل عملدارن سان گڏجاڻاڻيون به ڪيون ويون. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ ۽ ايس ايس پي مٽياري اعجاز احمد ميمڻ پاران ميلي جي انتظامن ۽ سيڪيورٽي بابت بريفنگ ڏني وئي. شاھ لطيف جي عرس مبارڪ جا سمورا انتظام فائنل ۽ سيڪيورٽي پلان کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪري پانڌيئڙن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون نااهلي برداشت نه ڪئي ويندي. ٽي ہزار کان وڌيڪ اهلڪار ۽ رينجرز جا جوان مقرر ڪيا ويندا پاڪ آرمي به بيڪ اپ ۾ موجود هوندي، فوڊ اٿارٽي جون ٽيمون جوڙيون ويون آهن، ٽائون اختيارين کي صفائي سٿرائي جي حوالي سان پابند ڪيو ويو آهي. وي آئي پي موومينٽ دوران به ڪوشش ڪئي ويندي، ته شهرين ۽ زائرينن کي تڪليفن کان بچائي سگهجي، ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي اڍائي هزار کان به وڌيڪ وڌيڪ نفري هوندي ڪمانڊو ونگ، اسپيشل برانچ، رينجرز به مقرر ڪئي وئي آهي، پاڪ آرمي به بيڪ اپ ۾ موجود هوندي، سول ڊريس ۾ اهلڪار مقرر هوندا، منشيات سميت سماجي براين جي روڪٿام لاءِ سخت قدم کنيا پيا وڃن، سڀني داخلي روڊن تي چيڪنگ پوائنٽ هوندي گاڏين جي شهر ۾ داخلا تي بندش هوندي. ايس ايس پي مٽياري اعجاز احمد ميمڻ سان گڏ ايس ايس پي ٽنڊو الهيار سيد سليم شاھ به سيڪيورٽي صورتحال جي نگراني ڪندو ڊي آئي جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو جي هدايت.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے