welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بلاول ڀٽو رتوديرو ۾ ٻوڏ متاثرين لاءِ تعمير ٿيندڙ گهرن جو دورو، ملڪيت جا سرٽيفڪيٽ ورهايا

رتوديرو:(ڇنڇر 23 آگسٽ 2025ع)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي جي تعلقي رتو ديرو جي ڳوٺ خير محمد بروهي ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ ٺهيل ۽ تعمير هيٺ گهرن جو دورو ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر سان گڏ، تعلقي رتو ديرو جي ڳوٺ زنگيجا ۾ شهيد پوليس ڪانسٽيبل جي رهائشگاهه تي پهتو ۽ شهيد ڪانسٽيبل جي پٽ، پيءُ ۽ ٻين وارثن سان تعزيت ڪئي. بعد ۾، هو تعلقي رتو ديرو جي يونين ڪائونسل وارث دينو پهتو ۽ سنڌ پيپلز هائوسنگ جي مڪمل ۽ تعمير هيٺ گهرن جو دورو ڪيو. بلاول ڀٽو ڳوٺ خير محمد بروهي جو دورو ڪيو ۽ رهواسين جي خيريت پڇي. ڳوٺ خير محمد بروهي جي رهواسين بلال ڀٽو کي پنهنجن مسئلن کان آگاهه ڪيو، جنهن تي هن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ فوري هدايتون جاري ڪيون. پيپلز پارٽي چيئرمين ٻوڏ متاثرين لاءِ سنڌ حڪومت پاران تعمير ڪيل گهرن جي مالڪي جا سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے