ڪراچي:(خميس 14 آگسٽ 2025ع)پاڪستان جي 79 هين آزادي جي ڏينهن جي موقعي تي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.
اڄ ملڪ بھر ۾ 79 هون آزادي جو ڏينهن قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.
پوليس جي سخت وارننگ جي باوجود، ڪراچي ۾ 12 وڳي هوائي فائرنگ شروع ٿي، جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب 19 ماڻهو زخمي ٿيا.
ريسڪيو ذريعن موجب، زخمين ۾ 15 مرد، 2 عورتون، هڪ ٻار ۽ هڪ ڇوڪري شامل آهن. 5 زخمين کي سول اسپتال، 3 کي جناح اسپتال ۽ 11 کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ياد رهي ته آزادي جي ڏينهن جي موقعي تي، ڪراچي ۾ اهم شاهراهن جي چوڌاري ٺهيل عمارتن جي سينگار شهر جا رنگ بدلائي ڇڏيا، جڏهن ته اسلام آباد ۾ به رنگن جي قوس قزح نظر اچي رهي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language