welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

غزه ۾ 24 ڪلاڪن دوران بک وگهي هڪ ٻار سميت 11 ماڻهو فوت

غزہ:(آچر 17 آگسٽ 2025ع)گذريل 24 ڪلاڪن ۾ غزه ۾ هڪ ٻار سميت 11 ماڻهو بک سبب فوت ٿي ويا آهن، جنهن سان فوتين جو ڪُل انگ 251 ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، غزه جي قحط متاثر علائقن ۾ بک سبب فوتين جو ڪُل انگ 251 ٿي ويو آهي. 18 مارچ کان وٺي اسرائيلي حملن ۾ 10,362 فلسطيني مارجي ويا آهن. 18 مارچ کان وٺي اسرائيل وڏي پيماني تي هوائي حملا ۽ محاصرا ڪري رهيو آهي. 18 مارچ کان اسرائيلي حملن ۾ زخمي ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 43,619 ٿي ويو آهي. اسرائيل 18 مارچ تي جنگ بندي ٽوڙي ۽ غزه کي مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏيو. اسرائيل جو غزه مان فلسطينين کي بي دخل ڪرڻ ۽ انهن کي هڪ آفريقي ملڪ ۾ آباد ڪرڻ جو منصوبو خبر ايجنسي جي رپورٽ موجب غزه تي اسرائيل جي جنگ ۾ مارجي ويل فلسطينين جو انگ 61,897 ٿي ويو آهي، ۽ اسرائيلي ظلم جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 155,660 ٿي ويو آهي. فلسطينين تي يهودي آبادگارن جا حملا جاري آهن، اسرائيلي آبادگارن اتر اردن وادي ۾ فلسطيني خيمن تي ڇاپا هنيا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ هٿياربند يهودي آبادگارن الفرسيا ڳوٺ ۾ فلسطيني شهري جي خيمن کي لُٽيو هو. يهودي آبادگارن فلسطيني خيمن تي به ڇاپا هنيا هئا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے