welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

نوشهروفيروز: سول اسپتال جي سولر پلانٽ ۾ باهه، 100 کان وڌيڪ پليٽون سڙي ويون

نوشهروفيروز:(آچر 10 آگسٽ 2025ع)نوشهروفيروز ۾ سول اسپتال جي سولر پلانٽ ۾ خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 100 کان وڌيڪ پليٽون سڙي ويون. ريسڪيو اختيارين موجب، نوشهروفيروز ۾ سول اسپتال جي سولر پلانٽ ۾ باهه لڳي وئي، پر باهه جو سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي. ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته سولر پلانٽ ۾ باهه لڳڻ سبب 108 سولر پليٽون مڪمل طور تي سڙي ويون. ريسڪيو اختيارين موجب، باهه جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو اهلڪار موقعي تي پهچي باهه وسائي ڇڏي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے