welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي: نيشنل هاءِ وي تي ڪوسٽر جي ڇت تي سمهڻ دوران ٻه مسافر ڪري فوت ٿي ويا

رزاق آباد:(سومر 28 جولاءِ 2025ع)نيشنل هاءِ وي تي ڪوسٽر جي ڇت تي سفر ڪندڙ ٻه ماڻهو ڪري فوت ٿي ويا. پوليس موجب، واقعو نيشنل هاءِ وي تي رزاق آباد جي ويجهو پيش آيو جتي ڪوسٽر ٺٽي وڃي رهي هئي ۽ ٻئي ماڻهو بس جي ڇت تي سمهي رهيا هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪوسٽر فٽ پاٿ سان ٽڪرائجي ويو، جنهن جي ڪري ڇت تي سمهي رهيا ٻئي مسافر ڪري فوت ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿيلن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے