welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

خستہ حال عمارتن جي سڀني رهواسين کي گهر فراهم ڪرڻ وس ۾ ناهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي:(اڱارو 08 جولاءِ 2025ع)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل ميمڻ خستہ حال عمارتن جي سڀني رهواسين کي رهائش فراهم ڪرڻ ناممڪن قرار ڏنو آهي. جيو نيوز جي پروگرام جيو پاڪستان ۾ ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته صوبي ۾ 740 عمارتون خستہ حال آهن، جن مان 51 انتهائي خطرناڪ آهن، انتهائي خطرناڪ عمارتن مان 11 کي خالي ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته حڪومت لاءِ اهو ممڪن ناهي ته تباهه ٿيل عمارتن جي سڀني رهواسين کي گهر فراهم ڪري، حڪومت موجود وسيلن اندر ڪجهه خاندانن کي عارضي متبادل رهائش فراهم ڪري سگهي ٿي، ماضي ۾ سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرين ۽ ڪووڊ مريضن کي عارضي پناهه گاهه فراهم ڪئي هئي. شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي اي) لياري بغدادي ۾ تباهه ٿيل عمارت جي چوڌاري غير رهائشي عمارتن کي ڊاهڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے