واشنگٽن:(ڇنڇر 19 جولاءِ 2025ع)وفاقي وزير خزانه سينيٽر محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته آمريڪا پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري پارٽنر آهي، اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي هڪ نئين سطح تي وٺي وڃڻ چاهيون ٿا.
آمريڪي عملدارن سان ملاقات بابت بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزيب چيو ته آمريڪا پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري پارٽنر آهي، اسان آمريڪا سان واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ چاهيون ٿا.
هن چيو ته آمريڪي سيڪريٽري آف ڪامرس سان تعميري ڳالهيون ٿيون، ۽ آمريڪي عملدارن سان واپار، مائننگ ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڪجهه مسئلا اڃا تائين بحث هيٺ آهن، اميد آهي ته واپاري ڳالهيون تعميري انداز ۾ اڳتي وڌنديون، تمام جلد پاڪستاني-آمريڪي قيادت ان جو اعلان ڪندي، پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپن کي نئين سطح تي وٺي وڃڻ چاهين ٿا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language