ميڪسيڪو سٽي:(آچر 06 جولاءِ 2025ع)ميڪسيڪو جي گادي واري هنڌ ۾ سياحت خلاف احتجاج اوچتو پرتشدد ٿي ويو.
نيوز ايجنسي موجب، ميڪسيڪو سٽي ۾ سوين ماڻهن هڪ پرامن احتجاج ڪيو، جيڪو اوچتو پرتشدد ٿي ويو، جنهن ۾ مظاهرين ريسٽورنٽ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ پرڏيهين کي تنگ ڪيو.
احتجاج دوران، مظاهرين چيو ته پرڏيهين جي ڪري گهرن جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي.
نيوز ايجنسي موجب، مظاهرين چيو ته سياحن جي تعداد ۾ واڌ سبب شهري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language