
تل ابيب:(اڱارو 01 جولاءِ 2025ع)اسرائيل وچ اوڀر ۾ پنهنجي فوجي ڪارروائين تي اربين ڊالر خرچ ڪيا آهن. اسرائيل 7 آڪٽوبر 2023 کان وٺي پنهنجي دفاعي بجيٽ ۾ 46.5 ارب ڊالر وجهي چڪو آهي.
آمريڪي تنظيم جي رپورٽ ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته آمريڪا اسرائيل کي سڀ کان وڌيڪ پئسا ڏنا، آڪٽوبر 2023 کان پوءِ آمريڪي فوجي امداد ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو.
رپورٽ ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته آمريڪا اسرائيل کي اضافي 17.9 ارب ڊالر امداد ڏني، جنهن مان 6.8 ارب ڊالر فوجي سامان جي خريداري، 4.5 ارب ڊالر دفاعي نظام لاءِ ۽ 4.4 ارب ڊالر آمريڪي هٿيارن جي فراهمي لاءِ هئا.
عرب ميڊيا هن حوالي سان چوي ٿو ته آمريڪا کان غير معمولي فنڊنگ اسرائيل کي غزه ۾ پنهنجي فوجي ڪارروائي ۽ معصوم فلسطينين جي نسل ڪشي جاري رکڻ ۾ مدد ڪري رهي آهي.
ٻئي طرف، اسرائيل غزه ۾ اضافي فوجي ڊويزنون مقرر ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.
اسرائيلي ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت غزه تي پنهنجي حملي کي تيز ڪرڻ ۽ محاصره ٿيل علائقي ۾ اضافي فوجي ڊويزنون مقرر ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي.
يديوت احرونوت رپورٽ ڪئي ته آرمي چيف آف اسٽاف ايال ضمير ڪابينا جي اجلاس دوران جنگ جي ايندڙ مرحلي جو خاکو پيش ڪيو.
ان قدم سان غزه اندر ڪم ڪندڙ اسرائيلي فوجي ڊويزنن جو ڪل تعداد پنج ٿي ويندو، جنهن کي وڏي پيماني تي هڪ وڏو اضافو سمجهيو ويندو آهي.
رپورٽ ۾ سيڪيورٽي اختيارين جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته اسرائيلي فوج تصديق ڪئي آهي ته "ايران ۾ آپريشن مڪمل ٿيڻ کان پوءِ هاڻي سڀ هوائي ۽ زميني فوج جون صلاحيتون موجود آهن."
0 تبصرے
Do not use vulgar language