welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ساهيوال: ماءُ ٻن ٻارن سميت ٽرين هيٺان ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي

ساھيوال:(آچر 13 جولاءِ 2025ع)ساهيوال ۾، هڪ ماءُ پنهنجن ٻن ٻارن سان گڏ ٽرين هيٺان ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي. ريسڪيو عملدارن موجب، ساهيوال ۾ ريلوي ڦاٽڪ جي ويجهو هڪ ماءُ پنهنجن ٻن ٻارن سان گڏ ٽرين هيٺان ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي. ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته ماءُ ۽ ٻنهي ٻارن جا لاش ٽيچنگ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته عورت ۽ ٻارن جي مائٽن کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ۽ معاملي جي هر پهلو جي جاچ ڪئي ويندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے