تل ابیب:(آچر 20 جولاءِ 2025ع)اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو کي کاڌي جي زهريلو ٿيڻ جي تشخيص ٿي آهي.
اسرائيلي وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، 75 سالن جي نيتن ياهو جي صحت گذريل رات خراب ٿي وئي.
اسرائيلي وزيراعظم آفيس چيو ته طبي معائني ۾ معلوم ٿيو ته نيتن ياهو ۾ آنڊن جي سوزش ۽ پاڻي جي کوٽ جون علامتون آهن.
اسرائيلي وزيراعظم آفيس چيو ته نيتن ياهو ڊاڪٽر جي حڪم تي ٽن ڏينهن آرام ڪندو ۽ ان دوران گهر کان سرڪاري ڪم ڪندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language