welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

غزه ۾ جنگ ايتري ڊگهي ڇو رهي؟ نيو يارڪ ٽائمز پاران اصل ڪهاڻي ظاهر

نيويارڪ:(آچر 13 جولاءِ 2025ع)آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز غزه ۾ جنگ کي طول ڏيڻ جو الزام اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو تي لڳايو آهي. هڪ تفصيلي رپورٽ ۾، نيويارڪ ٽائمز لکيو آهي ته نيتن ياهو اپريل 2024 ۾ يرغمالين کي آزاد ڪرڻ جي آڇ تي جنگ بندي تي راضي ٿيو هو، پر سخت گير اسرائيلي اتحاد جي مالياتي وزير، بيزليل سموترچ، انڪار ڪيو. رپورٽ موجب، بيزليل چيو ته جيڪڏهن جنگ بندي ٿئي ٿي ته هو اتحادي حڪومت ڇڏي ڏيندو. نتن ياهو پنهنجي حڪومت کي برقرار رکڻ لاءِ جنگ بندي کي رد ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن جنگ بندي کان پوءِ نيتن ياهو اليڪشن ۾ شڪست کائي ها، ته 2020 کان وٺي نيتن ياهو جي سامهون ڪرپشن جو ڪيس ٻيهر کوليو وڃي ها.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے