
ڪراچي:(آچر 20 جولاءِ 2025ع)سنڌ حڪومت مون سون جي برساتن دوران ممڪن حادثن کي روڪڻ لاءِ مقامي سرڪاري عملدارن جون موڪلون منسوخ ڪري ڇڏيون آهن.
سنڌ جي سينئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ پمپن جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن ته جيئن هيٺاهين وارن علائقن مان برساتي پاڻي ڪڍي سگهجي.
هن چيو ته ڪراچي جي اولڊ سٽي ايريا ۾ 59 خطرناڪ عمارتن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي شهر ۾ سروي ڪري رهي آهي، جنهن جو مقصد اهڙين عمارتن جي سڃاڻپ ڪرڻ آهي جيڪي شهرين لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿيون.
هن اهو به چيو ته انساني جانين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ 41 انتهائي خطرناڪ عمارتن کي خالي ڪرائي سيل ڪيو ويو آهي.
سنڌ ۾ تعليمي انقلاب: يونيورسٽين جي لاءِ 42 ارب جو بجيٽ، نوجوانن لاءِ ڊيجيٽل ٽريننگ پروگرام جي شروعات
سنڌ حڪومت جي تعليم جي شعبي ۾ انقلابي قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته يونيورسٽين جي لاءِ رڪارڊ 42 ارب جو بجيٽ مقرر ڪيو ويو ۽ نوجوانن جي لاءِ ڊيجيٽل ٽريننگ پروگرام به شروع ڪيو ويو آهي.
سنڌ حڪومت پيپلز آءِ ٽي پروگرام جو ٻيون مرحلو شروع ڪري ڇڏيو جنهن جي لاءِ 14 ارب روپين جو بجيٽ مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پيپلز انفارميشن ٽيڪنالوجي پروگرام( پي آءِ ٽي پي) نوجوانن کي ڊيجيٽل معيشت جو حصو بنائڻ جي لاءِ هڪ ماڊل پروگرام بڻجي چڪو آهي. پيپلز آءِ ٽي پروگرام جي پهرين مرحلي جي تحت هينئر تائين 13.565 شاگردن کي جديد آءِ ٽي شعبن ۾ تربيت ڏني وئي آهي.
هن چيو ته بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ 300 شاگردن کي ميرٽ ۽ شفاف عمل جي تحت گوگل ڪروم، بڪس ۽ ليپ ٽاپس فراهم ڪيا ويا آهن. پي آءِ ٽي پي جو ٻيون مرحلو شروع ڪيو ويو آهي جنهن جي لاءِ 1.4 ارب روپين جو بجيٽ مقرر ڪيو ويو آهي.
شرجيل انعام ميمڻ چيوته توسيعي مرحلي جي تحت 12 هاءِ ڊيمانڊ آءِ ٽي شعبن ۾ 35.000 شاگردن کي جديد ترين تربيت ڏني ويندي. مالي سال 2025-256 ۾ سرڪاري يونيورسٽين لاءِ رڪارڊ 42 ارب روپيه مقرر ڪيا ويا جيڪي ٻين سمورن صوبن جي مقابلي ۾ سڀني کان وڌيڪ آهن.
سينئر صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت تعليمي شعبي ۾ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي، نئين نسل کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ فوڊ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي نئين عمارت 96.481 ملين روپين جي لاڳت سان تعمير ڪئي وئي آهي.
پ پ اڳواڻ چيو ته انٽرنيشنل بوائز هاسٽل 67.11 ملين روپين جي لاڳت سان مڪمل ڪري شاگردن جي لاءِ کوليو ويو، منصوبيا اعليٰ تعليمي انفراسٽرڪچر جي بهترين ثبوت آهن. سنڌ حڪومت نوجوانن کي تعليمي موقعا فراهم ڪرڻ سان گڏ انهن کي عملي زندگي جي لاءِ به تيار ڪري رهي آهي ته جيئن اهي ملڪي معيشت ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جي قدمن سبب صوبي جي ترقي ۽ نوجوانن جي روشن مستقبل جي ضمانت آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language