welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

دبئي پوليس گم ٿيل لکين ڊالرن جو هيرن سان ڀريل بيگ مالڪ کي واپس ڪري ڇڏيو

دبئي:(اربع 30 جولاءِ 2025ع)دبئي پوليس 3 لک ڊالرز ماليت جا هيرا مالڪ کي واپس ڪري ڇڏيا. رپورٽ موجب دبئي جو رهائشي هيرن جو واپاري ايئرپورت تان غلطي سان ٻئي مسافر جو بيگ کڻي ويو هو ۽ دبئي جي رهواسي هيرن جي واپاري جو بيگ غلطي سان بنگلاديش جو مسافر کڻي ويو هو. دبئي پوليس موجب هيرن واري بيگ جي غلطي سان بدلي دبئي ايئرپورٽ تي ٿي واپاري غلطي جو احساس ٿيڻ تي دبئي پوليس کي آگاهي ڏني، دبئي پوليس ايئرپورٽ جي ڪيمرائن جي مدد سان هيرن وارو بيگ کڻي ويندڙ بنگلاديش جي مسافر کي ڳولي ورتو. دبئي پوليس پرڏيهي وزارت جي مدد سان بنگلاديش مان بيگ واپس گهرائي مالڪ جي حوالي ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ هيرن جو مالڪ بيگ واپس ملڻ کان پوءِ ڪافي خوش نظر آيو ۽ هن دبئي پوليس جي تعريف پڻ ڪئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے