پشاور:(سومر 21 جولاءِ 2025ع)پي ٽي آءِ جي ناراض ميمبر خرم ذيشان سينيٽ اليڪشن تان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ جي ناراض سينيٽ اميدوار خرم ذيشان چيو ته منهنجو مقصد سينيٽر بڻجڻ نه پر اشرافيه جي غرور کي ٽوڙڻ هو. جيڪڏهن ڳالهه کٽڻ يا هارائڻ جي اچي ته مان اڳ ئي کٽي چڪو آهيان.
هن چيو ته اشرافيه بند ڪمرن ۾ ووٽ ورهائي ٿي ۽ بنا مقابلي اچي ٿي. چونڊ ٿيندي ۽ نتيجو ڪجهه به هجي، هي فتح نظريي جي آهي.
ياد رهي ته خيبر پختونخواهه مان 11 سينيٽ سيٽن لاءِ ووٽنگ اڄ ٿيندي، جنهن لاءِ 25 اميدوار ميدان ۾ آهن.
پي ٽي آءِ جي ناراض ميمبرن به چونڊن لاءِ پنهنجا ڪاغذ جمع ڪرايا هئا، جن مان 4 واپس وٺي ويا، ۽ خرم ذيشان جنرل سيٽ تي ميدان ۾ آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language