غزہ:(اڱارو 01 جولاءِ 2025ع)حماس اڳواڻ اسامه حمدان چيو ته اسرائيل جنگ بندي ۽ امن جي خلاف آهي.
حماس اڳواڻ اسامه حمدان چيو ته گذريل مهيني کان جنگ بندي بابت ڪا به ڳالهه نه ٿي آهي، حماس جنگ بندي لاءِ مڪمل منصوبو پيش ڪيو آهي، اسان پنهنجي ماڻهن جي حفاظت لاءِ جنگ بندي چاهيون ٿا.
اسامه حمدان چوي ٿو ته غزه ۾ مزاحمت جو سبب اسرائيلي جارحيت آهي، جنگ بندي تي آمريڪا جو موقف به واضح ناهي، آمريڪا دنيا ۾ نتنياهو جي تصوير کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language