واشنگٽن:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)آمريڪي انٽيليجنس ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ايران اسرائيلي حملي کان پوءِ گذريل مهيني آبنائي هرمز ۾ بارودي سرنگون رکڻ جي تياري ڪري رهيو هو.
آمريڪي انٽيليجنس ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ايران آبنائي هرمز ۾ بارودي سرنگون نه رکيون هيون، ايران گذريل مهيني خليج فارس ۾ جهازن تي بارودي سرنگون لوڊ ڪيون هيون.
انٽيليجنس ذريعن موجب، اهو واضح ناهي ته ايران بعد ۾ جهازن مان بارودي سرنگون لاٿيون يا نه.
ذريعن موجب، آمريڪي انٽيليجنس سيٽلائيٽ ۽ خفيه ذريعن کان معلومات حاصل ڪئي.
ٻئي طرف، خليج جي تڪرارن جي باوجود، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.
سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، ڪويت ۽ ايران کان روزانو تقريبن 21 ملين بيرل تيل هرمز جي آبنائي ذريعي ٻين ملڪن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language