
غزہ:(آچر 06 جولاءِ 2025ع)اسرائيلي فوج غزه تي بمباري جاري رکي ۽ گڏيل قومن جي هڪ اسڪول کي به نشانو بڻايو. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ اسرائيلي دهشتگردي ۾ 78 فلسطيني قتل ٿي چڪا آهن.
عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي حملي ۾ امداد حاصل ڪرڻ جي انتظار ۾ 9 فلسطيني به قتل ٿيا، جن ۾ ٽي ٻار به شامل آهن، جڏهن ته کاڌو ورهائيندڙ ٻه آمريڪي امدادي ڪارڪن به زخمي ٿيا. اسرائيلي فوج الزام لڳايو آهي ته آمريڪي امدادي ڪارڪن حماس جي ڪارروائي ۾ زخمي ٿيا.
کاڌي جي ڳولا ۾ نڪرندڙ فلسطينين تي اسرائيلي حملي ۾ هاڻي تائين 743 فلسطيني قتل ٿيا آهن.
غزه جي صحت واري وزارت جي هڪ رپورٽ موجب، 7 آڪٽوبر 2023 کان وٺي غزه ۾ 1,580 کان وڌيڪ طبي ڪارڪن قتل ٿيا آهن، جن ۾ 90 ڊاڪٽر ۽ 132 نرسون شامل آهن.
اسرائيلي فوج غزه شهر ۾ گڏيل قومن جي هڪ اسڪول ۽ هڪ رهائشي عمارت کي به نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 9 ماڻهو قتل ٿيا.
اکين ڏٺن شاهدن موجب، حملو ان وقت ڪيو ويو جڏهن بي گھر ٿيل ماڻهو سمهي رهيا هئا ۽ گڏيل قومن جي الشافي اسڪول ۾ پناهه وٺي رهيا هئا. حملي ۾ بچي ويل هڪ عورت زاهوا سلمي قطري براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن کي ٻڌايو ته هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو، ماڻهو مدد لاءِ سڏي رهيا هئا، پر پوءِ خاموشي ڇائنجي وئي.
کاڌو حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي ماريو پيو وڃي
الجزيره جي فلسطين ۾ نمائندي هاني محمود موجب، ماڻهو قحط جو شڪار آهن، ٻار بکيا آهن، مائرون پنهنجن ٻارن کي بچائڻ لاءِ کاڌو ڇڏي رهيون آهن، هي صورتحال ناقابل برداشت آهي.
هن گلوبل هيومينٽيرين فائونڊيشن تي تنقيد ڪندي چيو ته هي تنظيم امداد جي نالي تي ماڻهن کي غير محفوظ علائقن ۾ گڏ ڪري ٿي، جتي نه ته سيڪيورٽي آهي ۽ نه ئي شفافيت، ۽ انهن جون سرگرميون گهڻو ڪري نمائشي آهن.
ٻئي طرف، ورلڊ فوڊ پروگرام جي ڊپٽي سربراهه چارلس ايسڪو چيو ته غزه جي صورتحال سندس زندگي جو بدترين انساني بحران آهي، ماڻهو جيئڻ لاءِ کاڌو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مارجي رهيا آهن.
انهن چيو ته فوري طور تي جنگ بندي جي ضرورت آهي ته جيئن امدادي ڪارروايون ٻيهر شروع ٿي سگهن ۽ انساني زندگيون بچائي سگهجن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language