برلن:(سومر 28 جولاءِ 2025ع)جرمني جي ڏکڻ اولهه ۾ هڪ مسافر ٽرين پٽڙي تان لهي وئي آهي، جنهن ۾ ٽي ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن.
جرمن ميڊيا موجب، مسافر ٽرين جون گهٽ ۾ گهٽ ٻه بوگيون پٽڙي تان لهي ويون. اهو حادثو آچر تي فرانس سان سرحدي علائقي ۾ پيش آيو. ٽرين ۾ لڳ ڀڳ 100 مسافر سوار هئا.
ٽرين آپريٽر چيو ته حادثي کان اڳ علائقي ۾ طوفان جون رپورٽون هيون. حادثو مقامي وقت موجب شام 6:10 وڳي پيش آيو.
پوليس اختيارين موجب، شروعاتي جاچ مان ظاهر ٿيو آهي ته حادثو بوگين جي پٽڙي تان لهڻ سبب پيش آيو، جنهن ۾ ٽي ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي مسافر سخت زخمي ٿيا.
جرمني ۾ مسافر ٽرين حادثو، 3 ماڻهو مارجي ويا، ڪيترائي زخمي
تصويرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته بوگيون الٽيون آهن، ڪيترائي وڻ پڻ ڪري پيا آهن، جڏهن ته بچاءُ ٽيمون، فائر فائٽر ۽ ايمبولينس زخمين کي ڪڍڻ ۽ مدد فراهم ڪرڻ ۾ مصروف آهن.
جرمن چانسلر حادثي تي گهري ڏک ۽ فوتين جي خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language