welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اتر وزيرستان: پاڪ-افغان سرحد تان دراندازي جي ڪوشش ڪندڙ 30 هندستاني سرپرست خوارج مارجي ويا

راولپنڊي:(جمعو 04 جولاءِ 2025ع) سيڪيورٽي فورسز پاڪ-افغان سرحد ذريعي دراندازي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ 30 هندستاني سرپرست خوارج کي ماري ڇڏيو آهي. انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، 1-2 جولاءِ جي رات هندستاني سرپرست خوارج جي حرڪت جو پتو لڳايو ويو، جنهن کان پوءِ فورسز اثرائتي ڪارروائي ڪئي. اتر وزيرستان: پاڪ-افغان سرحد ذريعي دراندازي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ 30 هندستاني سرپرست خوارج مارجي ويا آءِ ايس پي آر چيو ته سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي حسن خيل علائقي مان پاڪ-افغان سرحد ذريعي دراندازي ڪرڻ جي فتنہ الخوارج دهشتگردن جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز جي اثرائتي ڪارروائي ۾ 30 هندستاني سرپرست خوارج مارجي ويا، جڏهن ته انهن جي قبضي مان هٿيار ۽ گولا بارود به هٿ ڪيو ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے