welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بنگلاديش: هوائي فوج جي جهاز حادثي ۾ فوتين جو انگ 27 ٿي ويو، جن ۾ 25 شاگرد به شامل

ڍاڪا:(اڱارو 22 جولاءِ 2025ع)بنگلاديش ايئر فورس جي تربيتي جهاز جي هاءِ اسڪول ڪيمپس ۾ حادثي ۾ فوتين جو انگ 27 ٿي ويو آهي. سرڪاري عملدارن موجب، ڪالهه پيش آيل ايف-7 تربيتي جهاز جي حادثي ۾ فوت ٿيندڙن ۾ 25 شاگرد ۽ جهاز جو پائلٽ شامل آهن. حڪومتي عملدارن چيو ته حادثي ۾ لڳ ڀڳ 170 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا، جن ۾ وڏي تعداد ۾ شاگرد به شامل هئا، جن جي عمر 12 کان 16 سالن جي وچ ۾ هئي. فوجي ترجمان چيو ته جهاز ۾ اڏام کان فوري بعد فني خرابي پيدا ٿي وئي. پائلٽ جهاز کي آبادي کان پري کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ائين ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. بنگلاديشي عملدارن چيو ته حادثي جي جاچ لاءِ هڪ سرڪاري سطح جي ڪميٽي ٺاهي وئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے