
فلوریڊا:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)ريسلنگ ليجنڊ هولڪ هوگن 71 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن کان پوءِ آمريڪا سميت دنيا جي مداحن گهري ڏک جو اظهار ڪيو، جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پڻ ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.
پنهنجي سماجي نيٽ ورڪنگ پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي پنهنجي بيان ۾، ٽرمپ چيو ته اڄ اسان هڪ سٺو دوست وڃائي ڇڏيو، هولڪ هوگن هڪ سچو 'ميگا' حامي هو.
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته هولڪ هوگن ريپبلڪن نيشنل ڪنوينشن ۾ هڪ شاندار تقرير پڻ ڪئي، هن دنيا جي مداحن کي تفريح ڏني ۽ سندس ثقافتي اثر تمام وسيع هو.
آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته هو هلڪ هوگن جي زال اسڪائي ۽ خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. ٽرمپ چيو ته هلڪ هوگن کي هميشه ياد رکيو ويندو.
آمريڪي ميڊيا موجب، افسانوي ريسلر فلوريڊا ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو.
رپورٽ موجب، هلڪ هوگن گذريل مهيني دل جي سرجري ڪرائي هئي ۽ تازن هفتن ۾ صحتياب ٿي رهيو هو. ڪجهه هفتا اڳ، هلڪ هوگن جي زال انهن افواهن کي به رد ڪيو ته هلڪ هوگن ڪوما ۾ آهي.
هلڪ هوگن 1953 ۾ پيدا ٿيو هو، ۽ 1980 ۽ 1990 جي ڏهاڪي ۾ WWE جي سڀ کان وڏن ستارن مان هڪ هو. سندس اصل نالو ٽيري جين بوليا هو، پر هو هلڪ هوگن جي نالي سان مشهور هو.
هن پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪيترائي چيمپئن شپ ٽائيٽل کٽيا، ۽ هلڪ هوگن کي پهريون ڀيرو 2005 ۾ WWE هال آف فيم ۾ شامل ڪيو ويو.
هلڪ هوگن نه رڳو ريسلنگ رنگ ۾ مشهور هو، پر فلمن ۽ ٽي وي شوز ۾ پڻ.
0 تبصرے
Do not use vulgar language