welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

غزه ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 134 فلسطيني شهيد، شهيدن جو ڪُل انگ 59 هزار کان وڌي ويو

غزہ:(سومر 21 جولاءِ 2025ع)غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 134 فلسطيني شهيد ٿيا. غزه جي صحت واري وزارت موجب، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 1,155 زخمين کي پڻ غزه جي اسپتالن ۾ آندو ويو. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ شهيد ۽ زخمين مان 99 شهيد ۽ 650 زخمي اهي هئا جيڪي امداد جي ڳولا دوران شهيد يا زخمي ٿيا. صحت واري وزارت موجب، ايمبولينس ۽ سول ڊفينس اهلڪارن کي ڪيترن ئي علائقن تائين پهچڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، جنهن جي ڪري ڪيترائي شهري عمارتن جي ملبي هيٺان دٻجي ويا آهن. غزه جي صحت واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 7 آڪٽوبر 2023 کان بدترين اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ 59,029 فلسطيني شهيد ۽ 142,135 زخمي ٿيا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے