نئين دھلي:(اربع 23 جولاءِ 2025ع)برطانوي رائل نيوي جو جديد ترين ايف-35 اسٽيلٿ جهاز 37 ڏينهن تائين هندستان ۾ گرائونڊ رهڻ کان پوءِ وطن واپس اچي ويو آهي.
هندستاني ميڊيا جي رپورٽن موجب، برطانوي فائٽر جهاز، جيڪو پنجن هفتن تائين هندستان ۾ ڦاٿل هو، آخرڪار اڏام شروع ڪري ڇڏي آهي. رائل نيوي جو جديد ترين ايف-35 جهاز 14 جون تي ڪيرالا جي ساحل جي ويجهو اڏام دوران فني خرابي جو شڪار ٿيو ۽ ان کي هنگامي لينڊنگ ڪرڻي پئي.
هائيڊروولڪ سسٽم ۽ معاون پاور يونٽ ۾ خرابي جي ڪري اهو ٻيهر اڏامڻ جي قابل نه رهيو. 6 جولاءِ تي، برطانوي ماهرن جي هڪ ٽيم مرمت لاءِ ترواننت پورم ايئرپورٽ تي پهتي.
جيڪڏهن هندستان ۾ مرمت ممڪن نه هئي، ته فائٽر جيٽ کي کليل ٽاپ واري ون ٿرٽي جهاز ۾ منتقل ڪرڻ جي تجويز پڻ غور هيٺ هئي.
اهو ياد رکڻ گهرجي ته هي برطانوي جهاز برطانوي رائل نيوي جي ايئر ڪرافٽ ڪيريئر ايڇ ايم ايس پرنس آف ويلز تي مقرر ڪيو ويو هو. ايف-35 جهاز دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته پنجين نسل جي جهازن مان هڪ آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language