welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بنگلاديش ٻئي ٽي 20 ۾ به پاڪستان کي شڪست ڏئي سيريز 0-2 تان کٽي ورتي

ميرپور:(اڱارو 22 جولاءِ 2025ع)بنگلاديش 3 ميچن جي ٽي 20 سيريز جي ٻئي ميچ ۾ پاڪستان کي 8 رنسن سان شڪست ڏئي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلي واري برتري حاصل ڪري ورتي. ميرپور جي شير بنگلا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٻئي ٽي 20 ميچ ۾، پاڪستان ٽاس کٽي پهرين بالنگ جو فيصلو ڪيو. بنگلاديش مقرر 20 اوورن جي آخري بال تي 133 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ ذاڪر علي 55 ۽ مهدي حسن 33 رنسون ٺاهيون. پاڪستان لاءِ سلمان مرزا، عباس آفريدي ۽ احمد دانيال 2-2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته فهيم اشرف ۽ محمد نواز هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي. بنگلاديش جي 134 رنسن جي هدف جي جواب ۾، پوري پاڪستان ٽيم آخري اوور ۾ 125 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. فهيم اشرف کان سواءِ ڪو به بيٽسمين وڪيٽ تي نه رهي سگهيو، فهيم اشرف 32 بالن تي 51 رنسن جي اننگز کيڏي. انهن کان علاوه عباس آفريدي 19 ۽ دانيال 17 رنسون ٺاهيون. بنگلاديش لاءِ شريف الاسلام 3 وڪيٽون ۽ مهدي حسن 2 وڪيٽون ورتيون. قومي ٽيم ۾ اڄ هڪ تبديلي ڪئي وئي، ابرار احمد جي جاءِ تي احمد دانيال کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو. پاڪستان ٽي 20 ٽيم ۾ اوپننگ بيٽسمين فخر زمان، صائم ايوب، محمد حارث ۽ ڪپتان سلمان آغا شامل آهن. حسن نواز، محمد نواز، خوشدل شاهه، فهيم اشرف، احمد دانيال، سلمان مرزا ۽ عباس آفريدي به پليئنگ يارهن جو حصو هئا. بنگلاديش ٽيم جي پليئنگ يارهن ۾ ڪپتان لٽن داس، تنزيد حسن، پرويز حسين ۽ توحيد هردوئي شامل هئا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے