ڪريملن:(آچر 06 جولاءِ 2025ع)روسي دفاع واري وزارت چيو آهي ته روسي اينٽي ايئرڪرافٽ سسٽم 120 يوڪريني ڊرون ڪيرايا آهن، جن مان گهڻا سرحدي علائقن ۾ ڪيرايا ويا.
پرڏيهي نيوز ايجنسي رائٽرز جي هڪ رپورٽ موجب، روسي دفاع واري وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته يوڪريني ڊرون حملن ۾ ڪو به نقصان نه ٿيو ۽ 120 ڊرون ڪاميابي سان ڪيرايا ويا.
دفاع واري وزارت چيو ته رات جو ڪيرايل 30 کان وڌيڪ ڊرون مغربي برائنسک علائقي ۾، 29 ڪرسڪ علائقي ۾ ۽ 17 بيلگوروڊ ۾ ڪيرايا ويا، جيڪي سڀئي يوڪرين سان سرحد تي آهن.
وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اوريول علائقي ۾ وڌيڪ 18 ڊرون ڪيرايا ويا، جيڪو ڪرسڪ جي سرحد سان لڳندو آهي، جتي يوڪرين اڳ ۾ تيل جي تنصيبات کي ڊرون حملن سان نشانو بڻايو هو.
روس جي سول ايوي ايشن اٿارٽي روزاويٽسيا هڪ بيان ۾ چيو ته سينٽ پيٽرزبرگ، ڪالوگا، ماسڪو ۽ نزني نووگوروڊ جي هوائي اڏن تي ڊرون حملن جي ڪري رات جو سيڪيورٽي قدم طور لاڳو ڪيل پابنديون ختم ڪيون ويون آهن.
يوڪرين ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي کان هلندڙ جنگ ۾ بتدريج پنهنجا ڊرون حملا وڌائي ڇڏيا آهن ۽ روس اندر مختلف هدفن کي نشانو بڻائڻ لاءِ پنهنجا ڊرون حملا وڌائي ڇڏيا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language