welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڀارتي جهازن لاءِ پاڪستاني فضائي حدون وڌيڪ هڪ مهيني لاءِ بند رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد:(سومر 23 جون 2025ع)ڀارتي جهازن لاءِ پاڪستاني فضائي حدون اڄ کان وڌيڪ هڪ مهيني لاءِ بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ايوي ايشن ذريعن موجب پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ کان پوءِ پاڪستان 24 اپريل تي پاڪستاني فضائي حدون ڀارتي جهازن جي لاءِ بند ڪيون هيون جنهن ۾ وڌيڪ هڪ مهيني جي واڌ 23 مئي تي ڪئي وئي هئي جيڪا اڄ ختم ٿي رهي آهي. ڀارتي جهازن لاءِ پاڪستان فضائي حدون اڄ کان وڌيڪ هڪ مهيني لاءِ بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. انهي سلسلي ۾ نوٽم ٻنپهرن تائين جاري ڪيو ويندو. ياد رهي ته ڀارت طرفان به جوابي طور تي پاڪستاني جهازن جي لاءِ پنهنجون فضائي حدون بند ڪيون ويون.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے