
اسلام آباد:(جمعو 27 جون 2025ع)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته اسان اسرائيل کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون جيستائين فلسطين لاءِ ٻہ رياستي حل قبول نه ڪيو وڃي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ايران تي آمريڪي حملي بابت پاڪستان ۾ تمام گهڻيون قياس آرائيون هيون، پر پاڪستان واضح موقف اختيار ڪندي ان تي بيان جاري ڪيو.
هن چيو ته جيڪڏهن اسان جا ڪنهن ملڪ سان سٺا لاڳاپا آهن ته ان جو مطلب اهو ناهي ته اسان هر ان شيءِ جي حمايت ڪريون ٿا جيڪا اهو غلط ڪري ٿو.
پرڏيهي وزير چيو ته قطر ۾ آمريڪي بيس تي ايراني حملي کان پوءِ به پاڪستان جنگ بندي جي حمايت ڪئي ۽ سفارتي ۽ پرامن طريقي سان سڀني مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن چيو ته قطر کي اڳواٽ اطلاع ڏنو ويو هو ته حملو انهن تي نه پر هڪ مخصوص هدف تي ٿيندو.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ۾ ايران تي حملي خلاف سلامتي ڪائونسل جو اجلاس سڏائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، اسان ايران جي مڪمل حمايت ڪئي ۽ ايران به پاڪستان جي قدمن جي تعريف ڪئي.
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان او آءِ سي سميت سڀني بين الاقوامي فورمن تي فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ اسرائيلي جارحيت جي واضح طور تي مذمت ڪئي آهي.
هن چيو ته او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس اڳ ۾ ئي طئي ٿيل هو ۽ گڏيل قومن ۾ فلسطين تي وزارتي ڪانفرنس جي تاريخ پڻ اڳ ۾ مقرر ڪئي وئي هئي، پر وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال جي ڪري ان کي ملتوي ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي.
اسحاق ڊار چيو ته اسان فلسطين لاءِ ٻه رياستي حل قبول ٿيڻ تائين اسرائيل کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون. هن واضح ڪيو ته پاڪستان جي 70 سالن کان وڌيڪ پراڻي پاليسي ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي.
هن چيو ته استنبول پڌرنامي ۾ پاڪستان ايران، شام، لبنان تي اسرائيلي حملن ۽ فلسطينين جي قتل عام جي کليل مذمت ڪئي آهي. پڌرنامي ۾ فلسطينين جي جبري بي دخلي کي رد ڪيو ويو، جڏهن ته ڪشمير، سنڌو پاڻي معاهدي ۽ پاڪستان-ڀارت تڪرارن کي حل ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language