ملتان:(سومر 30 جون 2025ع)اربين رپين جي آن لائن فراڊ ۾ ٻن مکيه جوابدارن کي ملتان مان گرفتار ڪيو ويو آهي.
نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي موجب، گرفتار جوابدارن جو تعلق ليه ضلعي سان آهي، جيڪي ٻئي هڪ سال کان مفرور هئا.
اين سي سي آءِ اي ملتان ۾ اسڪينڊل سان لاڳاپيل درجنين جاچون درج ڪيون ويون آهن، جتي ڏکڻ پنجاب جي شهرين خلاف اربين رپين جي آن لائن مالي فراڊ ڪئي وئي هئي.
نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي موجب، جوابدار جعلي ڪاروباري منصوبن ذريعي اربين رپيا گڏ ڪيا هئا.
جوابدار سيڙپڪاري تي 30 سيڪڙو منافعي جي شهرين کي ٺڳيندا هئا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language