welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪوٽڏيجي ڀرسان هٿياربندن جو گهر تي حملو، ننڊ ستل زال مڙس قتل، لاش رکي ڌرڻو

ڪوٽڊيجي:(خميس 12 جون 2025ع)ڪوٽڏيجي ڀرسان زميني تڪرار تان هٿياربندن جو پورهيت جي گهر تي حملو، فائرنگ ۾ ننڊ ستل زال مڙس قتل، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو، 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، رتو ڇاڻ خدشو، خبر موجب ڳوٺ مراد گوپانگ ۾ رات دير سان هٿياربندن گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ننڊ ستل پورهيت مير محمد گوپانگ ۽ سندس زال فوزيه گوپانگ ٿڏي تي مارجي ويا، واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل فوزيه ۽ سندس مڙس مير محمد گوپانگ جا لاش کڻائي تعلقه اسپتال ڪوٽڏيجي منتقل، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، مقتولن جي وارثن اسپتال ٻاهران لاش رکي ڌرڻو هنيو، هنن الزام هڻندي چيو ته اسان جي گهرن تي گلشن، ديدار گوپانگ ۽ ٻين حملو ڪري زال مڙس کي قتل ڪيو، پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي، اسان اڳ به ڪافي ڀيرا پوليس کي جوابدارن جي ظلمن بابت درخواستون ڪيون پر پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي بدران ويتر اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، هوڏانهن مقتول مير محمد جي ڀاءُ گلڻ گوپانگ جي فرياد تي 5 جوابدارن خلاف ڪوٽڏيجي ٿاڻي تي ٻٽي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته جوابدار خميسو خان، امير حسن عرف بگڙو، ديدار عرف بابو، گلشن گوپانگ زميني مامري تان گهر تي حملو ڪري مير محمد ۽ ڀاڄائي فوزيه کي بيدردي سان قتل ڪيو، ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ آھي ۽ وڌيڪ خونريزي جو پڻ انديشو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے