welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آمريڪا ايران تي نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون، ايران جو جواب به اچي ويو

واشنگٽن / تھران :(ڇنڇر 07 جون 2025ع)آمريڪا ايراني فردن ۽ ادارن تي نيون پابنديون لاڳو ڪيون آهن. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل تفصيلن موجب، نئين پابنديون 10 ايراني فردن ۽ 37 ادارن کي نشانو بڻائين ٿيون. آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته نئين آمريڪي پابندين ۾ متحده عرب امارات ۽ هانگ ڪانگ ۾ ڪجهه ادارا پڻ شامل آهن. ايران جي پرڏيهي وزارت آمريڪا پاران لاڳو ڪيل نئين پابندين تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته آمريڪا ايران تي سفري پابندي لاڳو ڪئي آهي، اها پابندي آمريڪي پاليسي سازن جي ايراني عوام سان دشمني کي ظاهر ڪري ٿي، ۽ آمريڪي پابندي بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي آهي. ڪجهه وقت اڳ، آمريڪا ايراني فردن ۽ ادارن تي به پابنديون لاڳو ڪيون هيون.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے