اسلام آباد:(جمعو 13 جون 2025ع)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ايران خلاف اسرائيل جو هي وحشياڻو عمل بين الاقوامي قانون جي بنيادن کي ڌُڏي ڏيڻ جي برابر آهي.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته ايران تي اسرائيلي حملا ايران جي خودمختياري جي واضح خلاف ورزي آهن، اسرائيلي حملا غير منصفانه ۽ قابل مذمت آهن.
هن چيو ته اسرائيلي جارحيت انسانيت جي ضمير کي ڌُڏي ڇڏيو آهي، هي عمل علائقائي امن ۽ عالمي سلامتي لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي.
نائب وزيراعظم چيو ته اسرائيل جو هي وحشياڻو عمل بين الاقوامي قانون جي بنيادن کي ڌُڏي ڏيڻ جي برابر آهي، پاڪستان ايراني حڪومت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language