welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ برسات، موسم خوشگوار ٿي وئي

اسلام آباد:(خميس 26 جون 2025ع)پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ برسات موسم خوشگوار بڻائي ڇڏي آهي. پنجاب، لاهور، سرگوڌا، ڀلوال، مختلف شهرن ۾ گرمي کي گهٽائڻ لاءِ بوندا باندی ۽ تيز برسات پئي. برسات سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ڪئي وئي آهي. پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي خاص هدايتن تي واسا الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. پختونخواهه ۾ ڪرڪ شهر ۽ ان جي مضافات ۾ به برسات موسم خوشگوار بڻائي ڇڏي آهي، جڏهن ته بلوچستان جي مرڪزي ۽ اوڀر علائقن ۾ پري مون سون سيزن شروع ٿي چڪو آهي. ڪوه سليمان رينج سميت مرڪزي ۽ اوڀر بلوچستان ۾ به برسات پئي آهي. اڄ کان بلتستان ڊويزن ۾ برسات جو امڪان آهي. 29 جون تائين برسات جو هڪ نئون سلسلو جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے