اسلام آباد:(خميس 26 جون 2025ع)وزيراعظم شهباز شريف ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم ايران-اسرائيل جنگ بندي ۾ صدر ٽرمپ جي ڪردار جي تعريف ڪئي. ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر جي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي.
وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم پاڪستان-ڀارت جنگ بندي ۾ آمريڪا جي اهم ڪردار لاءِ مارڪو روبيو جو شڪريو ادا ڪيو.
بيان موجب، وزيراعظم ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير پاڪ-آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو ۽ واپار جي ميدان ۾ ويجهي تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.
ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر جي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language