تل ابيب:(اڱارو 24 جون 2025ع)اسرائيلي ميڊيا موجب، اسرائيل جي هوائي حدون کوليون ويون آهن.
ان کان علاوه، اماراتي عملدارن جو چوڻ آهي ته يو اي اي جي هوائي حدون پڻ مڪمل طور تي بحال آهن، پر مختلف هوائي اڏن تي پروازن جو شيڊول متاثر ٿيو آهي.
اماراتي عملدارن موجب، علائقائي صورتحال جي ڪري پروازن جو شيڊول متاثر ٿي رهيو آهي. هوائي حدن ۾ پروازن جي رش جي ڪري، پروازن جو شيڊول تبديل ڪرڻو پيو، پر اماراتي هوائي ٽيمون شيڊول برقرار رکڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن.
امارات ايئر لائنز مسافرن کي هدايت ڪئي آهي ته منسوخ ٿيل پروازن کان متاثر مسافر ٻيهر بڪنگ ڪري سگهن ٿا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language