welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

وفاقي ڪابينا ايندڙ مالي سال لاءِ فنانس بل جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:(خميس 26 جون 2025ع)وفاقي ڪابينا نئين مالي سال لاءِ فنانس بل جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪابينا فنانس بل (بجيٽ) کي ترميمن سان منظور ڪيو. وفاقي ڪابينا اصولي طور تي ڪجهه قانونن ۾ ترميمن جي به منظوري ڏني، جڏهن ته، اهي ترميمون ڪابينا جي قانون سازي ڪميٽي ڏانهن موڪلي ويون آهن. ان کان علاوه، ڪابينا فيصلو ڪيو ته گئس ايجنڊا بابت هڪ ڪميٽي پڻ ٺاهي ويندي جيڪا سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجون تجويزون پيش ڪندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے